اٽڪ – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جو مقابلو مافيا?? سان آهي، ڪرپشن تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، ڪنهن به حڪ??مت غريبن جي لاءِ ايترو ڪم ناهي ڪيو جيترو اسان ڪري رهيا آهيون، غريب ع??ام تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪ??مت 450 ارب جو خسارو پاڻ برداشت ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي اٽڪ جي پي ٽي آءِ قيادت سان ڳالهائيندي ڪيو. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، قومي اسيمبلي ميمبر ميجر (ر) طاهر صادق، پنجاب اسيمبلي ميمبرن سيد ياور بخاري، ملڪ محمد انور، ملڪ جمشيد الطاف ۽ پي ٽي آءِ اٽڪ جي پارٽي قيادت ملاقات ۾ شامل هئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان جي حڪ??مت آئي ته ان وقت مجموعي معاشي خسارو 20 ارب ڊالر هو جنهن جي ڪري معاشي صورتحال مشڪل هئي. جيئ?? ته اسان جو دارومدار درآمدات تي آهي ان لاءِ جڏهن ٻاهر قي??تون وڌن ٿيو?? ته هتي به قي??تون وڌن ٿيون. هن چيو ته اسان محنت ڪري هڪ سال ۾ خسارو 20 ارب کان گهٽ ڪري هڪ ارب ڊالر تي کڻي آياسين. پوءِ ڪورونا وائرس جي وبا پوري دنيا کي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. پوري دنيا جي معيشت خساري ۾ هلي وئي ۽ عالمي سطح تي بحران آيو. جڏه?? ته اسان جي ڪامياب پاليسين جي ڪري وبا جو مقابلو ڪيو ۽ ان چلينج کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهياسين. عالمي سطح تي اسان جي ڪامياب پاليسين جي پذيرائي ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته غريب ع??ام تي مهانگائي جي اثرن جو پوري طرح احساس آهي. مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ غريب ع??ام تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪ??مت هن وقت 450 ارب جو خسارو پاڻ برداشت ڪري رهي آهي. صحت ڪارڊ جي پوري پنجاب ۾ شروعات ڪري رهيا آهيون جنهن جي ڪري غريب خاندان معياري علاج جي سهولتن مان فائدو کڻي سگهندا. احساس سبسڊي پروگرام وفاق ۽ صوبائي حڪ??مت گڏجي مستحق خاندانن کي اٽي، دالين ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو سبسڊي فراهم ٿيندي. ڪامياب پاڪستان پروگرام 20 لک خاندانن جي لاءِ وياج کانسواءِ قرض فراهم ڪندو. گهر تعمير ڪرڻ، ننڍو ڪاروبار شروع ڪرڻ، اسڪلز ٽريننگ پروگرام ۽ ننڍي آبادگار جي لاءِ قرض ڏنا ويندا. ڪامياب جوان پروگرام اڳ ۾ ئي سڄي ملڪ ۾ نوجوانن کي قرض فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هر گهر ۾ وڃي احساس سروي ڪئي وئي ته جيئن ڪو مستحق پروگرام کان ٻاهر نه رهجي وڃي. ڪڏهن به ڪنهن حڪ??مت غريبن جي لاءِ ايترو ڪم ناهي ڪيو. هر سطح تي هاڻي انهن سمورن پروگرامز جو فائدو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ غريبن تائين پهچايو، اسان جو مقابلو مافيا?? سان آهي. ڪرپشن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. هن مقامي سطح جي قيادت کي هدايت ڪئي ته اها متحرڪ ٿي غريب ۽ مستحق ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم تي ڌيان ڏي.