لاهور – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته (ن) ليگ جعلي وڊيو ۽ آڊيو جي ماسٽر آهي، مريم صفدر پنهنجي آڊيو تي قوم کان معافي وٺي، سڀني ڏسي ورتو ته فاشسٽ حڪمران (ن) ليگ پنهنجي دور ۾ ڪهڙي طرح ميڊيا جو گلو دٻائيندي هئي، تمام جلد پيٽروليم تي عوام کي ريليف ڏنو ويندو، جوڊيشل ريفارمز تي حڪومت ڪم ڪر?? رهي آهي، نوجوان اسان جو اثاثو آهن ڪامياب جوان پروگرام ذريعي 25 هزار نوجوانن کي ڪاروبار جي لاءِ 30 ارب رپيا فراهم ڪر?? چڪا آهيون، موجوده حڪومت جي مثبت پاليسين جي ڪر?? پاڪستاني مصنوعات جو مجموعي روانگي واپار 25 ارب ڊالر کان وڌي ويو آهي جڏهن ته آءِ ??ي ايڪسپورٽ گذريل سال 2 ارب ڊالر هو ۽ هلندڙ سال 3 ارب ڊالر کي ڪراس ڪنداسين، ??حساس پروگرام تحت گذريل ٻن س??لن ۾ ڏيڍ لک مستحق شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي چڪا آهيون جڏهن ته هلندڙ سال 50 هزار شاگردن کي اسڪالرشپ ڏينداسين. هو پهرين ڪاليج آف ڪامرس ۾ ٻي سالياني بزنس اينڊ ڪامرس ڪانفرنس کي خطاب ۽ صحافين س??ن ڳالهائي رهيو هو. فرخ حبيب چيو ته اسان جو 22 ڪر??ڙ جو ملڪ آهي جنهن ۾ 60 سيڪڙو آبادي ملڪ ۾ نوجوانن جي آهي، اهي اسان جي ملڪ جو اثاثو آهن ۽ انهن تي اسان کي سيڙپڪاري ڪرڻي آهي. اسان کي تعليمي ماهرن ۽ صنعتڪارن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻو آهي. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ شاگردن، ??ئيڊياز ۽ ٽيلينٽ جي کوٽ نه آهي اڄ ناليج اڪانومي جو زمانو آهي ۽ دنيا وڏي تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، اسان کي پنهنجي معيشت کي مضبوط ڪرڻو پوندو ڇو ته اسان جا چئلينجز تمام وڏا آهن، چيو وڃي ٿو ته اسان ريسرچ تي تمام گهڻو پئسو خرچ ڪر??ون ٿا حقيقت ته اها آهي ته 3 هزار ارب رپيا قرضن جي قسطن جي مد ۾ ڏيڻا پون ٿا جڏهن ته 34 ارب صوبن کي ورهايا وڃن ٿا جڏهن ته اسان جي ٽيڪس اوڳاڙي 6 هزار ارب آهي ۽ اسان شروعات ئي خساري کان شروع ڪئي، سرڪاري ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن به ڏيڻيون پون ٿيون ته وفاق وٽ ان کانپو پئسو بلڪل ئي نه ٿو بچي. هن چيو ته وزيراعظم بار بار اها ڳالهه ڪر?? ٿو ته اسان کي دولت پيدا ڪرڻي آهي. اسان کي اڪانومي جي سائيز وڏي ڪرڻي آهي ۽ جي ڊي پي کي به وڌائڻو آهي جڏهن ته روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻو آهي. اسان چاهيون ٿا ته ايترا وسيلا هجن جو عوام تي خرچ ڪر?? سگهون، ??ڪومت جو فوڪس آهي ته اسان پنهنجي نوجوانن تي خرچ ڪر??ون جنهن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوانن کي 100 ارب رپيا فراهم ڪر?? رهيا آهيون جڏهن ته 25 هزار نوجوانن کي پنهنجي ڪاروبار جي لاءِ 30 ارب رپين جا قرض فراهم ڪر?? چڪا آهيون جيڪي انهن کي 10 کان 15 سالن ۾ واپس ڪرڻا آهن. هن چيو ته اسڪل فار آل تحت اسان اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪيو آهي جڏهن ته هڪ لک وڌيڪ اسڪالرشپ ڏيڻيون آهن. هن چيو ته پاڪستاني مصنوعات جو روانگي واپار 25 ارب ڊالر کان وڌي ويو آهي جيڪو 30 ارب ڊالر تائين پهچندو جڏهن ته اسان جي آءِ ??ي ايڪسپورٽ گذريل سال 2 ارب ڊالر هئي جيڪا هن س??ل 3 ارب ڊالر کان وڌي ويندي. فرخ حبيب چيو ته ڪورونا معيشت کي تباهه ڪيو، اڄ پاڪستان 10 ڪر??ڙ ماڻهن کي ويڪسي نيشن ڊوز لڳائي چڪو آهي. هن چيو ته اسان ماسڪ به پاڻ تيار ڪر?? رهيا آهيون، ??يڪسپورٽ به ڪر?? رهيا آهيون ۽ وينٽي ليٽرز به ٺاهڻ شروع ڪر?? ڇڏيا آهن. هن چيو ته ڪورونا دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ جا 40 سيڪڙو ماڻهو روزاني اجرت تي ڪم ڪن ٿا تنهن ڪر?? لاڪ ڊائون ناهي لڳائڻو ۽ پنهنجي معيشت تي ڌيان ڏيڻو آهي. هن چيو ته اسان جو اينڌن نوجوان آهن جن کي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي، اميد آهي ته اهي پاڪستان کي صحيح رخ ۾ وٺي ويندا. هن چيو ته احساس پروگرام تحت اهي خاندان جن جي آمدني 45 هزار کان گهٽ آهي پنهنجي ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ چاهين ٿا انهن جي لاءِ ??ورٽل کليل آهي هيستائين 2 سالن ۾ ڏيڍ لک اسڪالرشپ ڏئي چڪا آهيون، 50 هزار هن س??ل ڏينداسين. هن چيو ته جيڪي نوجوان ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت ڪاروبار ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي 5 لک رپيا بنا وياج جي فراهم ڪنداسين. بعد ۾ صحافين س??ن ڳالهائيندي فرخ حبيب چيو ته 5 ماڻهو جعلي وڊيو جا ماهر آهن جن جي ڪا حيثيت نه آهي جڏهن ته انهن تسليم ڪيو جنهن ۾ مريم صفدر ميڊيا تي پابندي هڻي رهي آهي ميڊيا جو گلو دٻايو پئي ويو، ان مان نظر اچي ٿو ته (ن) ليگ پنهنجي دور ۾ ڪيتري قدر فاشسٽ هئي، پنهنجي چوري تي پڙدو وجهڻ جي لاءِ ??يڊيا تي دٻاءُ وڌو پئي ويو، ان آڊيو ٽيپ تي کيس معافي وٺڻ گهرجي، اڄ ڪهڙي منهن س??ن صحافت جي آزادي جي ڳالهه ڪن ٿا. هن چيو ته (ن) ليگ چئي رهي آهي ته وڊيو جي فرانزڪ ٿيڻي آهي ان تي ايترو ئي يقين آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪر?? ۽ رڪارڊ جو حصو بڻائي، ان س??ن گڏ 4 فليٽن جون رسيدون به ڏين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري مملڪتي وزير چيو ته عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي سٺي ڳالهه آهي جيڪڏهن اهي برقرار رهيون ته عوام کي ريليف فراهم ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ فرخ حبيب چيو ته جوڊيشل ريفارمز تي حڪومت ڪم ڪر?? رهي آهي سمورين ڌرين س??ن مشاورت کانپوءِ ??انونسازي جي لاءِ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.