لاهور – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ميڊيا ۽ جمهوريت کي مڪمل آزادي حاصل آهي، صحافت جي شعبي ۾ فيڪ نيوز پکيڙڻ تمام آسان ٿي ويو آهي، اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، ميديا ۾ توازن رکڻ ضروري آهي، مسلم دنيا ۾ پاڪست??ن جو ڪو مقابل نه آهي، اسان پنهنجي صحافتي آزادين جو تقابل ٿرڊ ??رل?? يا مسلم ??رل?? سان نه پر فرسٽ ??رل?? سان ڪريون ٿا، پاڪست??ن جڏهن ٺهيو ته دنيا جا مسلمان ان کي نشاط ثانيه جي طور تي ڏسي رهيا هئا، عورت ليڊرشپ پيدا ڪرڻ ۾ مسلمانن اهم ڪردار ادا ڪيو، مو??انا محمد علي جوهر ۽ مو??انا شوڪت علي صحافت جا روشن ستارا هئا، مو??انا ظفر علي خان مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته اسان صحافت ڪريون ذميواري سان. اهڙن خيالن جو اظهار هن مو??انا ظفر علي خان مرحوم جي 65 هين ورسيءَ جي مو??عي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مو??انا ظفر علي خان مرحوم کي پاڪستان ۾ باباءِ صحافت چيو وڃي ٿو، هو تحريڪ پاڪست??ن جو اهم اڳواڻ هو. هن چيو ته اس??ن جي بزرگن تحريڪ پاڪست??ن جي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪيو، 1946ع ۾ چوڌري اويس جهلم ضلعي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر رهيو، منهنجو چاچو چوڌري الطاف 1952ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر رهيو، مختلف حيثيتن سان هن تحريڪ پاڪست??ن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1870ع ۾ پهرين اخبار هيڪن گزٽ جي نالي سان ڪوڪلڪتا مان شايع ٿي، هندست??ن جي مختلف شهرن ۾ صحافت جو وڏو غلبو رهيو آهي، اتر انڊيا ۾ صحافت جو مرڪز لاهور هو، لاهور مان تمام وڏيون اخبارون شايع ٿيون. هن چيو ته 1903ع ۾ مو??انا ظفر علي خ??ن جي والد زميندار اخبار شروع ڪئي. واشنگٽن ۾ قائم اخبارن ۽ ميڊيا بابت ميوزيم جي طرز تي اسان کي لاهور ۾ به ميوزيم ٺاهڻ گهرجي، لاهور ۾ اردو بازار تاريخي اهميت رکي ٿي، ڪتاب ۽ پرنٽنگ سان شرف رکندڙ ان مان فائدو کڻي سگهن ٿا.