اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب امارات ??ي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر ??حمد بن زيد ڪالهه سومر ڏينهن ٽيليفون ڪئي ۽ ل??هو?? ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ جاني نقصان جي مذمت ڪئي ۽ سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪ??و. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهبي جي ولي عهد 20 جنوري 2022ع تي ل??هو?? ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي، جنهن ۾ ٽي مانهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. هن سمورن متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪ??و ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ولي عهد پاڪستان جي قيادت، حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪ??و. وزيراعظم تعزيت ۽ حمايت جي ڀرپور اظهار تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا. هر قسم جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندي وزيراعظم چيو ته دهشتگرد حملن ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ??ين??و. وزيراعظم گڏيل عرب امارات ??ان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، مختلف فورمن تي تعاون وڌائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو رابطو جاري رکڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪ??و. ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ لاڳيتو ۽ خوشگوار رابطو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ??ي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي.