لاهور – پهرين م??رچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ??ه مخالف ڌر لانگ مارچ جي نالي تي بيچين ٿي رهي ????ي، پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ کي ڪير پڇڻ وارو نه آ??ي، بلاول ڪڏهن سياست ناهي ڪئي، کيس شين جو اندازو نه آ??ي، مريم ڪالهه زرداري صاحب کي جيڪو چيو اهو ان جي دل جو آواز آ??ي، پنهنجي اتحادين سان رابطي ۾ آهيون، تحريڪ انصاف سياسي پارٽي آ??ي، ماڻهن کي م??ڪل ۾ نه ٿا ڇڏي سگهون، تحريڪ انصاف کي ورثي ۾ تباهه حال معيشت ملي، حڪومت معيشت کي صحيح ٽريڪ تي گامزن ڪري ڇڏيو آ??ي، وزيراعظم عمران خان پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو جنهن سان صنعتن کي فروغ ملندو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف کي ورثي ۾ تباهه حال معيشت ملي جنهن جي ڪري ٻاهرئين قرضن ۾ اضافو ٿي رهيو هو، حڪومت جي پهرين ڪوشش ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائڻ هو، حڪومت معيشت کي صحيح ٽريڪ تي گامزن ڪري ڇڏيو آ??ي، حڪومتي پاليسين جي ڪري روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ڪورونا وائرس جي وبا جو بهترين حڪمت عملي سان مقابلو ڪيو، عالمي ادارا ان سلسلي ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهي ??هيا آهن، اوورسيز پاڪستانين مٽاسٽا جي ناڻي سان ملڪ جي ڀرپور مد?? ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو جنهن جي ڪري اسان کي به قيمتون وڌائڻيون پيون. وزيراعظم عمران خان پيٽرول، ڊيزل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائين جو وڏو اعلان ڪيو جنهن سان صنعتن کي فروغ ملندو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته اسان ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي بحال ڪيو جنهن سان روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آ??ي، ڪڻڪ، چڻا، چانور جي رڪارڊ پيداوار ٿي، وزيراعظم عمران خان کي عام ماڻهو جي تڪليف جو احساس آ??ي، عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته عام ماڻهو کي اڳ ۾ صحت ڪارڊ ڏنو، ڪالهه وزيراعظم وڏي پئڪيج جو اعلان ڪيو، نوجوانن کي ڪاروبار جي لاءِ قرض ڏيڻ سان گڏوگڏ نوجوان گريجوئيٽس کي 30 هزار رپيا انٽرن شپ ڏئي رهيا آهيون، احساس پروگرام سان عام ماڻهو کي فائدو ٿي رهيو آ??ي، اڳ ۾ غريب ماڻهو هاڻي مڊل ڪلاس جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، راشن ڪارڊ تي اٽو، کنڊ ۽ گيهه 30 سيڪڙو سبسڊي تي ملي رهيا آهن. هن چيو ته مخالف ڌر لانگ مارچ جي نالي تي بيچين ٿي رهي ????ي، پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ کي ڪير پڇڻ وارو نه آ??ي، بلاول ڪڏهن سياست ناهي ڪئي، کيس شين جو اندازو نه آ??ي، مريم نواز ڪالهه زرداري صاحب کي جيڪو چيو اهو ان جو آواز آ??ي، حمزه شهباز ايندڙ چونڊن ۾ (ن) ليگ جي ٽڪيٽ وٺندو، اها ڪنهن کي خبر نه آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان پنهنجي اتحادين سان رابطي ۾ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف سياسي پارٽي آ??ي، ماڻهن کي م??ڪل ۾ نه ٿا ڇڏي سگهون، حڪومت کي ڪو خطرو نه آ??ي، حڪومت پنهنجو آئيني م??و پورو ڪندي ۽ ايندڙ حڪومت به پاڪستان تحريڪ انصاف جي هوندي. وفاقي وزير چيو ته اڪانومسٽ موجب پاڪستان ڪورونا وائرس جي وبا جي مقابلي ۾ دنيا جي ٽاپ 3 ملڪن ۾ رهيو، عالمي مهانگائي، افغان م??ئلي جي باوجود اسان جي صحيح قدمن سان ڪنسٽرڪشن، ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بحال ٿي، روانگي واپار، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو، تنهن ڪري اڄ انهي ??ي ڪري اسان عوام کي ايترو وڏو ريليف ڏيڻ جي پوزيشن ۾ آهيون.