اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول جو پنجن ڏينهن جو الٽيميٽم زمين بوس ٿي ويو ته هاڻي 24 ڪلاڪن تي اچي ويو آهي، حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ختم نه ڪيو پر ا??سا?? پروگرام جي ڇٽي هيٺ 34 پروگرام جاري ڪيا، سم??جي تحفظ جي پروگرام جي بجيٽ 85 ارب روپين کان وڌائي 260 ارب روپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن عمران خان حڪومت پيٽروليم مصنوعات ۽ بجلي جي ??يم??ن ۾ گهٽتائي ڪئي ته مخالف ڌر کي اهو به هضم نه ٿي رهيو هو. بلاول ڀٽو جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان بلاول کي يقين ڏياريون ٿا ته 2023ع جون چونڊون صاف ۽ شفاف ٿينديون، بلاول جي پارٽي جو پنجاب ۾ جيڪو حال آهي اهو ڪنهن کان لڪل نه آهي، يونين ڪائونسل جي اليڪشن کٽڻ جي به سگهه نه آهي، اسيمبليون به قائم رهنديون ۽ وزيراعظم عمران خان به. ناڪامي ۽ رسوائي مخالف ڌر جو مقدر آهي. بلاول ڀٽو جي شوقيه مارچ جي شروعات کان اڄ تائين عوامي خدمتن جي ڪنهن ايجنڊا تي ڳالهه ٿي هجي ته اسان کي ٻڌايو وڃي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سنڌ ۾ ڪيٽ شو تي سرڪاري وسيلن جو بيدردي سان استعمال ٿيو، پي ٽي آءِ جمهوري قدرن جو خيال رکندي آهي، مارچ ۾ ڪٿي به رڪاوٽ نه وڌي وئي، هاڻي مارچ ۾ ڪيترا ماڻهو آهن اهو ته بلاول ڀٽو به ٻڌائڻ جي همت نٿو رکي، عمران خان کان ??سا?? گهرڻ وارا پهرين 15 سالن جو ??سا?? سنڌ جي عوام کي ڏين ۽ 2018ع ۾ ع??ام عمران خان کي مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ ان جو مدو 2023ع تائين آهي.