اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي کي جنوري 2023ع تائين ??ڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان قدم سان پارليامينٽ جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو ۽ قانونسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي. هو پارليامينٽ کي سائبر صلاحيتن سان ليس ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس جي ص??ارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي پاران م??صوبي تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. صدر منصوبي تي هيستائين ??يندڙ اڳڀرائي کي ساراهيو. هن م??صوبي کي مقرر مدي موجب جنوري 2023ع تائين ??ڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان م??صوبي جي مڪمل ??يڻ سان لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻڻ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي سان پارليامينٽ جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿيندو ۽ قانونسازي جي عمل ۾ بهتري ايندي.