اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته شهباز شريف جو وز??راعظم بڻجڻ جو خواب چڪنا چور ٿيندو، ٻئي پيءُ پٽ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز عدالت مان ضمانت تي آزاد آهن، هڪ وزارت عظميٰ ۽ ٻيو وزارت اعليٰ جو اميدوار بڻجي ويٺل آهن، انشاءُ الله وز??راعظم عمران خان ئي هوندو، جيڪي ماڻهو شيروان??ون سبرائي ويٺل آهن، انهن جون شيروان??ون ٽنگيل رهنديون. انهن کي پاجاما نه ملندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وز??ر حماد اظهر ۽ وز??راعظم جو خاص مددگار شهباز گل به موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته وفاقي ايجنسين کان ملندڙ ٿريٽ کانپوءِ وز??راعظم عمران خان جي سيڪيورٽي ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، رياست جو فرض آه?? ته هو پنهنجي سربراهن جي حفاظت لاءِ قدم کڻي. هن چيو ته شهباز شريف جو وز??راعظم بڻجڻ جو خواب چڪناچور ٿيندو، پيءُ ۽ پٽ ٻنهي جو وز??راعظم ۽ وڏو وز??ر بڻجڻ جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، ٻئي پيءُ پٽ عدالت مان ضمانت تي آزاد آهن ۽ وز??راعظم ۽ وڏي وز??ر جا اميدوار بڻجي ويٺل آهن، انشاءُ الله وز??راعظم عمران خان ئي هوندو، جيڪي ماڻهو شيروان??ون سبرائي ويٺا آهن، انهن جون شيروان??ون ٽنگيل رهنديون. انهن کي پاجاما به نه ملندا. چوڌري فواد حسين چيو ته ڪنهن به طور تي ملڪ جي عوام اجازت نه ڏيند?? ته ڪنهن ٻاهر جي ملڪ ۾ ويهي سازش سان پاڪستان ۾ حڪومت تبديل ڪئي وڃي. هن چيو ته ائين نٿو ٿي سگه?? ته ڪجهه سئو ملين ڊالر خرچ ٿين ۽ حڪومت بدلائي وڃي. وفاقي وز??ر چيو ته ناراض ميمبرن جي ملاقاتن جو به نوٽيس ورتو ويو آهي، انهن جي خلاف ڪارروائي اڳتي وڌندي، ان حوالي سان قانوني ٽيم پنهنجي حڪمت عملي طئي ڪري ورتي آهي، اميد آه?? ته سڀاڻي تائين سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري وٺنداسين، چوڌري فواد حسين چيو ته آرٽيڪل 184 جي ٻڌڻي دوران اسان چاه??ون ٿا ته سپريم ڪورٽ ڏس?? ته ڪهڙي طرح بي اعتمادي رٿ جو مسودو ٻاهرين ملڪ تيار ٿيو، ان کي پاڪستان ڏانهن موڪليو ويو، رات جي پيٽ ۾ اها رٿ آندي وئي، ان کانپوءِ ڪجهه ماڻهن جو ضمير به جاڳي ويو جنهن کي ضمير جي هجي تائين نٿي اچي. هن چيو ته شهباز شريف چيو هو ته خط مون کي ڏيکاريو وڃ?? ته آئون گڏ بيهندس، جڏهن کيس گهرايو ويو ته هو نه آيو ڇو ته کيس پتو آه?? ته ان سازش ۾ هو پاڻ ملوث آهي. مخالف ڌر جا مُک ماڻهو ان سازش جو حصو آهن، وفاقي وز??ر چيو ته غلام شريفيه شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال ۽ خواجه آصف بي ضمير ماڻهو آهن، خواجه آصف پاڪستان جو پرڏيهي وز??ر ۽ دفاع واري وز??ر جي عهدي تي رهندي دبئي جي ڪمپني مان پگهار کڻندو رهيو، اهڙي طرح جا بي ضمير ماڻهو پاڪستان تي مڙهيل ??هي?? آهن، هن چيو ته خواجه آصف چئي رهيو آه?? ته آمريڪا اسان کي ڊرپ لڳائي رکي آهي، اهي ماڻهو پاڪستان جي عوام کي بي غيرتي جي زندگي ڏيڻ چاهين ٿا، پاڪستان جا ماڻهو غيرتمند ماڻهو آهن، اسان جي بدقسمتي آه?? ته احسن اقبال جهڙا ماڻهو پاڪستان تي مڙهيل ??هي?? بي شرم ماڻهن جو اهو گروهه عالمي سازش سان پاڪستان تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، هن چيو ته پاڪستان جا ماڻهو ان سازش کي سڃاڻي ويا آهن، ان جي خلاف اٿي بيٺا آهن، هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ بي ضمير ماڻهن جي خلاف مظاهرا ٿيا، آئون انهن سمورن ماڻهن کي سلام پيش ڪريان ٿو جنهن انهن مظاهرن ۾ حصو ورتو. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي قيادت عمران خان جهڙي غيرت مند اڳواڻ وٽ رهندي، اسان ڪڏهن پاڪستان کي جهڪڻ ۽ پاڪستاني قوم کي وڪرو ٿيڻ نه ڏينداسين. هي ملڪ ڊرپن جي سهاري نٿو هلي سگهي، هڪ سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ مڊل ڪلاس طبقي جي پارٽي آهي، پهرين به چئي چڪا آه??ون ته اسان آئين موجب هلنداسين، اسپيڪر جو آئيني ڪردار آهي، هڪ ٻي سوال تي هن چيو ته انشاءُ الله سڀاڻي پرويز الاهي پنجاب جو وڏو وز??ر ٿيندو. هڪ سوال تي وفاقي وز??ر چيو ته اسان ٽرانسفر، پوسٽنگ ۽ فنڊز جي سياست ناه??ون ڪندا، احسن اقبال جهڙا ماڻهو اقتدار ۾ انهي لاءِ اچڻ چاهين ٿا ته اهي ٽرانسفر، پوسٽنگ ۽ فنڊ جي سياست ڪري سگهن، انهن چورن جي سوچ ايستائين ئي محدود آهي، ٽرانسفر، پوسٽنگ ۽ فنڊ کان اڳتي انهن جي سوچ ئي نه آهي.