اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) ق??مي اسيمب??ي جي نئين چونڊيل اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ايوان جي تعظيم ۽ توقير ۾ اضافو سندس اولين ترجيح آهي، اسپيڪر جو عهدو سموري غيرجانبداري ۽ بردباري جو گهرجائو آهي، اسان کي هڪ اهڙو سياسي معاشرو قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي جتي مڪالمي کي فروغ ڏنو وڃي، نفرت کي نه، سمورن ادارن کي پنهنجي دائري اختيار ۾ رهندي هڪ ٻئي جي مدد ۽ رهنمائي ڪرڻ گهرجي. ق??مي اسيمبلي ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کڻڻ کانپوءِ خطاب ڪندي راجا پرويز اشرف چيو ته هو ق??مي اسيمب??ي جي اسپيڪر جي باوقار عهدي تي فائز ٿيڻ تي الله تعاليٰ جو شڪرگذار آهي، ان عهدي تي بنا مقابلي چونڊجڻ تي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين ??لا??ل ڀٽو زرداري، قائد ايوان ميان محمد شهباز شريف ۽ ٻين سمور?? پارلياماني اڳواڻن ۽ پارليامينٽ ميمبرن جا دل سان ٿورا مڃان ٿو، وطن عزيز پاڪستان ڊائمنڊ جوب??ي جي سال ۾ بطور اسپيڪر منهنجي چونڊ منهنجي لاءِ خوشي جوڳي آهي. هن چيو ته هن معزز ايوان جي تعظيم ۽ توقير ۾ اضافو منهنجي اولين ترجيح آهي، اسپيڪر جو عهدو سموري غيرجانبداري ۽ بردباري جو گهرجائو آهي ۽ بطور ڪسٽوڊين آف هائوس ميمبرن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي اولين ذميوارين ۾ شامل آهي. جنهن منصب جي لاءِ هن معزز ايوان منهنجي بنا مقابلي چونڊ ڪئي آهي ان منصب تي سڀ کان اڳ قائداعظم محمد ع??ي جناح کي بنا مقابلي پنهنجو پهريون سربراهه چونڊيو هو، هي ايوان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪسٽوڊين آف هائوس طور چونڊ ڪري چڪو آهي، قائداعظم جو خطاب جتي پاڪستان جو پهريون سرڪاري ۽ ق??مي آئيني بيانيو آهي، اتي رياستي ڍانچي ۾ مقننه جي مرڪزي ڪردار تي پڻ مهر هڻي ٿو. ق??مي اسيمب??ي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته مون کي اهو چوڻ ۾ ڪا هٻڪ نه آهي ته بطور اسپيڪر منهنجي پهرين ذميواري هن ايوان جي خودمختياري ۽ ان کي مليل اختيارن جو تحفظ هوندو. منهنجي ناقص راءِ ۾ آئين تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن ملڪ ۽ عوام کي درپيش اهم مسئلن جو فيصلو هن ايوان ۾ ٿيندو. پاڪستان جي آئين جي شق 91 جي ذيلي شق 6 جي حقيقي روح کي سامهون رکندي سموري وفاقي ڪابينا رڳو هن معزز ايوان کي جوابده هجي ڪنهن فرد واحد کي نه هجي. ق??مي اسيمب??ي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته جڏهن حڪومت وقت عوام جي انهن چونڊل نمائندن جي راءِ کي مٿانهون ڄاڻي ۽ پنهنجو?? پاليسيون پوري ديانتداري سان هن هائوس ۽ ان سان واڳيل ڪميٽين آڏو رکي.