اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گ??يل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوٽريس سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات دوران پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ گهڻ رخي ۽ گ??يل قومن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان گ??يل قومن جي چارٽر جي اصولن تي سختي سان عمل ڪري رهيو آه??، پاڪستان سدائين انهن اصولن موجب عالمي مسئلن جي ح?? جي حمايت ڪئي ??هي. بلاول ڀٽو زرداري گ??يل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ غيرقانوني آبادياتي تبديلين جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونس?? جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ح?? جي ضرورت تي زور ڏنو.