اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي نئين حڪومت جي فوري ترجيح ??لڪ کي درپيش سنگين اقتصادي چئلينج?? کي منهن ڏيڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪا جي دوري جي موقعي تي نيويارڪ ۾ دوست ملڪن جي سفيرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم پاران ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان سمورن ترقياتي حصيدارن ۽ ڀائر اسلامي ملڪن سان تعاو?? کي مضبوط بڻائڻ جي ذريعي انهن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي اميد رکي ٿو، مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سعودي عرب، مراڪش، آذربائيجان، ايران، عمان، اٽلي، مالٽا، ايڪواڊور، مصر، انڊونيشيا، متحده عرب امارات ۽ ڪو??ت جا سفير به شامل هئا. پرڏيهي وزير پنهنجي ريمارڪس ۾ عالمي ۽ علائقائي مسئلن جي حوالي سان پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن جو به خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ افغانستان، ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال، سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن کانسواءِ مهانگائي ۽ خوراڪ جي حفاظت، ڪو??ڊ ?? 19 جي وبا، معاشي صورتحال ۽ موسمياتي تبديلي شامل آهن.