اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) سينيٽر ملڪ شهادت اعواڻ مملڪتي وزير جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي نئين مملڪتي وزير کان حلف ورتو. سينيٽر ملڪ شهادت اعواڻ ايوان صدر ۾ ٿيندڙ هڪ سادي ۽ پُروقار تقريب ۾ حلف کنيو. حلف برداري جي تقريب ۾ سول ۽ فوجي عملدارن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته 11 اپريل تي نئين حڪومت جي قيام کانپوءِ ڪابينا جي جوڙجڪ 19 اپريل تي عمل ۾ آئي هئي، پهرين مرحلي ۾ ڪابينا ۾ 30 وفاقي وزيرن ۽ 3 مملڪتي وزيرن کي شا??ل ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ ڪابينا ۾ مختلف مرحلن ۾ توسيع ڪئي وئي آهي.