اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 156 – ون تحت قومي اقتصادي ڪا??ونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قومي اقتصادي ڪا??ونسل جو چ??ئرمين ۽ چئني صوبن جا وڏا وزير ڪا??ونسل جا ميمبر هوندا. وفاق مان منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ مواصلات وارو وفاقي وزير اسعد محمود اقتصادي ڪا??ونسل جا ميمبر مقرر ڪيا وي?? آهن جڏهن ته پنجاب مان سردار اويس احمد خان لغاري ۽ سنڌ مان سينيٽر نثار احمد کهوڙو جا نالا قومي اقتصادي ڪا??ونسل جي ميمبر طور منظور ڪيا ويا، خيبرپختونخواهه مان ناڻي وارو وزير تيمور سليم ??هڳڙا ۽ بلوچستان مان ناڻي وارو سينيئر وزير نور محمد دمڙ بطور ميمبر مقرر ڪيا وي?? آهن. پلاننگ ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمين، ناڻي وارو سي??ري??ري، اقتصادي معاملن وارو سي??ري??ري ۽ منصوبابندي ڊويزن وارو سي??ري??ري خصوصي دعوت تي قومي اقتصادي ڪا??ونسل جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندا. وزيراعظم سمري تحت قومي اقتصادي ڪا??ونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي درخواست ڪئي هئي. صدر قومي اقتصادي ڪا??ونسل جي نئين سر جوڙجڪ وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڪئي آهي.