اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران نيازي اڳ ۾ غيرملڪي سازش تي قوم کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻي نيب قانونن تي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، عمران خان مافيا ڪجهه هيرن جي عيوض ملڪي مفاد کي وڪرو ڪيو، پوڻا چار سال هنن قانون ۽ انصاف جون ڌڄيون اڏايون، عمران صاحب ٻه جهنڊا رکي توهان رُوئو، پٽيو يا رڙيون ڪيو، توهان جي ڪرپشن جا پوک کلي چڪا آهن، ذاتي م??اد?? جي لاءِ پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندڙ توهان جهڙن کي جيل هجڻ گهرجي. عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي ??طل??عات واري وفاقي وزير چيو ته جيل ۾ عمران صاحب توهان ۽ نيب چيئرمين کي هجڻ گهرجي جيڪي پوڻا چار سال قانون ۽ انصاف جون ڌڄيون اڏائيندا رهيا. هن چيو ته ٻه جهنڊا رکي عمران صاحب توهان رُوئو، پٽيو يا رڙيون ڪيو، توهان جي ڪرپشن جا پول کلي چڪا آهن، عوام توهان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، توهان جي چار سال جي چوري، ڪرپشن ۽ نالائقي عوام آڏو بي نقاب ٿي چڪي آهي. هن چيو ته نيب، ايف آءِ اي ۽ وزيراعظم جي ڪرس??ءَ استعمال ڪري به عمران نيازي پنهنجا هنيل الزام ثابت نه ڪري سگهيو، سرڪاري رڪارڊ ۽ اختيار هجڻ جي باوجود توهان هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيا. هن چيو ته عمران خان پوڻا چار ساال جعلي احتساب جو بيانيو هلايو جيڪو ناڪام ٿيو. هن چيو ته اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري ڪوڙا ڪيس ٺاهي به عمران صاحب توهان ناڪام ٿيا. هن چيو ته عمران خان برطانيا جي نيشنل ڪرائم اي??نس?? وٽ ويو پر اتان به شڪست ملي. ??طل??عات واري وفاقي وزير چيو ته عمران صاحب! بني گالا ۾ ٻن جهنڊن جي وچ ۾ ويهي انقلاب ناهي ايندو. هن چيو ته هيرا وٺي فيڪٽرين جا گيٽ کولرائيندر کي نيب ترميمون ياد اچي ويون آهن. چار سال عوام کي مهانگائي جي چڪ??ءَ ۾ پيڙهڻ وارو اڳ ۾ غيرملڪي سازش تي قوم کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻي نيب قانونن تي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران نيازي هڪ ڀيرو ٻيهر نيب نيازي ڳٺ جوڙ کي استعمال ڪرڻ چاهي ٿو جنهن جي ذريعي هن سياسي مخالفن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ ناحق قيد ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ به عدالتن ۾ پيش ٿي رهيو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جهڙن ذاتي م??اد?? جي لاءِ اختيارن اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ سياسي انتقام جي لاءِ هر غيرقانوني هربا استعمال ڪندڙن کي جيل ۾ هجڻ گهرجي. ??طل??عات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان نيب کي استعمال ڪري انساني حقن جي خلاف ورزي ڪئي، عمران نيازي مريم نواز تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا جنهن ڪڏهن ڪو سرڪاري عهدو ناهي رکيو، سمورن اختيارن ۽ طاقت هوندي نيب، ايف آءِ اي ۽ اين سي اي ۾ هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته عمران صاحب جون رڙيون رڳو پنهنجي چوري ۽ ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ نڪري رهيون آهن. هن چيو ته نيب ترميمن سان موجوده ڪيسز تي ڪو فرق نه پوندو، شهباز شريف اڄ به ڪوڙن الزامن جي باوجود پيشيون ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته عمران صاحب ڪوڙ?? منافق فتنو آهي ۽ هر ڳالهه تي عوام کي گمراهه ڪري ٿو.