اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ا??رن??زيب چيو آهي ت?? پاڪستان ۽ ترڪيءَ دوستي ۽ محبت جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل تاريخ، مذهبي ۽ ثقافتي رشتن ۾ ٻڌل آهن، ترڪيءَ جو پاڪستان جي هر شعبي ۾ تعاون ٻنهي ملڪن جي هڪ ٻئي جي لاءِ محبت جو اظهار آهي. اها ڳالهه اي پي پي اردو نيوز سروس جي اپ گريڊيشن منصوبي جي افتتاحي ت??ريب کي خط??ب ڪندي چئي. ان ??وق??ي ت?? اطلاعات واري وفاقي وزير ترڪيءَ جي سفير احسان مصطفيٰ يرداڪل سان گڏ ربن ڪاٽي منصوبي جو افتتاح ڪيو جيڪو ترڪي جي تعاون ۽ رابطن واري اداري (تيڪا) جي تعاون سان اپ گريڊ ڪئي وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اي پي پي اردو نيوز سروس جي اپ گريڊيشن هڪ اهڙو قدم آهي جنهن جا وسيع ۽ پئماني ت?? ڏورس اثر پوندا. ان قدم سان يقيني طور تي اي پي پي اردو نيوز سروس جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، هي هڪ اهم سنگ ميل آهي جيڪو اڄ اي پي پي جي پهچ کي وڌائڻ جي حوالي سان حاصل ڪيو آهي. مريم ا??رن??زيب صحت، تعليم ۽ ميڊيا سميت مختلف شعبن ۾ منصوبن جي شروع ڪرڻ تي ترڪ حڪومت جي ڪردار کي ساراهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ترڪيءَ جي سفير جي پاڪستان ۾ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته هن جهڙي طرح پاڪستان ۾ پنهنجو وقت گذاريو ۽ رابطا قائم ڪيا، اسان سندس قدمن کي سدائين ياد رکنداسين. هو پاڪستان جو هڪ عظيم دوست آهي. هن چيو ته ترڪ سفير اي پي پي جي لاءِ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. اي پي پي جي 43 ملڪن سان خبرن جي مٽاسٽا جا معاهدا موجود آهن. مريم ا??رن??زيب نيوز آپريشنز کي اپ گريڊ ڪرڻ ۾ اي پي پي انتظاميا جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ان سان پوري دنيا ۾ اي پي پي جي پهچ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ان کان اڳ اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اختر من??ر اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ا??رن??زيب کي اي پي پي جي اپ گريڊيشن ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي معاملن ۽ نئين قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير ترڪ سفير کي سووينيئر پڻ پيش ڪيو. ان کان اڳ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اختر من??ر، اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ۽ ٻين سينيئر آفيسرن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ا??رن??زيب ۽ ترڪيءَ جي سفير جو اي پي پي هيڊڪوارٽر اچڻ تي استقبال ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اطلاعات واري وزارت جو سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري ارشد من??ر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ان ??وق??ي ت?? موجود هئا.