اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ جشن آزادي جي سلسلي ۾ ٻي تقريب ٿي، جنهن ۾ راولپنڊي ۽ اسلام آباد ريجن جي 55 شاگرد?? ۽ ??اگردياڻين جي وچ ۾ ملي نغمن جا مقابلا ٿيا. ججز جا فرض ڊاڪٽر عبدالستار، ڊاڪٽر محمد قاسم ۽ ڊاڪٽر اسد منير ادا ڪيا. ان مقابلي ۾ 4 بهترين ام??دوارن جي چونڊ ڪئي وئي جن جي وچ ۾ فائنل رائونڊ اپ جشن آزادي جي تقريبن جي پڄاڻي تي من??قد ڪيو ويندو. گرينڊ مقابلي ۾ پهرين، ٻي ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي ترتيبوار 7 هزار، 5 هزار ۽ ٽي هزار ڪيش انعام ڏيندا، مقابلن ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن شاگرد?? ۽ ??اگردياڻين کي شموليت جا سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويندا. تقريب کي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرز راڻا طارق جاويد چيو ته ملي نغمن جي مقابلي جو بنيادي مقصد نوجوان ??سل ۾ حب الوطني جو جذبو پيدا ڪرڻ هو. هن چيو ته شاگردن ملي نغمن ذريعي پاڪستان سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ضياءَ قيوم نئين ??سل کي آزادي جو مفهوم سمجهائڻ جي لاءِ آگسٽ کي بطور آزادي مهين?? ملهائڻ جي به هدايت ڪئي هئي جنهن جي لاءِ رجسٽرار، راجا عمر يونس جي مشاورت ۽ ان جي سرپرستي ۾ مختلف تقريبون ترتيب ڏنيون ويون آهن جن ۾ ملي نغمن، تقريرن، بيت بازي، پيٽنگ ۽ مضمون نويسي جا مقابلا شامل آهن.