اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد لياقت علي خان کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف اهو ٻيو چونڊيل وزيراعظم بڻجي ويو آهي جيڪو پاڪستان قائم ٿيڻ جي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي انتهائي منفرد انداز ۾ ٻيهر رڪارڊ ڪيل قومي تراني کي آچر ڏينهن 14 آگسٽ 2022ع تي رليز ڪندو. هتي جاري پڌرائي موجب پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ڊسمبر 1948ع ۾ سردار عبدالرب نشتر جي ??ربراهي ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪميٽي قومي تراني جي ??ياري تي ڪم شروع ڪيو هو. احمد ڇاگلا جي ??يار ڪيل ڌُن کي پهريون ڀيرو وزيراعظم لياقت علي خان ۽ ڪميٽي جي ميمبرن آڏو پيش ڪيو ويو هو. قومي تراني جي لاءِ قائم اسٽيئرنگ ڪميٽي 10 آگسٽ 1950ع تي ان ڌُن جي منظوري ڏني. آگسٽ 1954ع ۾ حف??ظ جالنڌري جي لکيل ڪمپوزيشن کي باضابطا منظور ڪرايو ويو. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت جي ??ور ۾ آگست 2017ع ۾ قومي تراني کي ٻيهر رڪارڊ ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ان مقصد جي لاءِ سمورين ناليواري اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪيا ??يا. مريم اورنگزيب اپريل 2022ع ۾ اطلاعات واري وزارت جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جو ڪم تيزي سان شروع ڪيو. سينيٽر (ر) جاويد جبار جي ??ربراهي ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن جي ماتحت آڊيو، ويزيول ذيلي ڪميٽيون جوڙيون ويون. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سميت مختلف ادارن، کاتن ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي ??موليت سان اها قومي ڪوشش مڪمل ٿي. هٿياربند فوج جي ??وامي لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) جي ??صيداري سان ٽنهي هٿياربند فوج جي ??راس بينڊز (سازينه) پڻ ان قومي ڪوشش ۾ شامل هئا. ان ۾ 155 گلوڪارن، 48 موسيقارن ۽ 6 بينڊ ماسٽرز شرڪت ڪئي. خاص ڳالهه اها آهي ته قومي تراني کي نئين سازينه سان بهترين عڪسبندي سان رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ ان کي پاڪستان جي ??مورن ثقافتي، تهذيبي ۽ علائقائي رنگن جي قوس قزح بڻايو ويو آهي. اتحاد، اخوت ۽ علائقائي سڃاڻپ جو پيغام ڏنو ويو آهي.