اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ريڊيو ۽ پاڪستان جو جنم گڏ ٿيو. ريڊيو ??ياري پاڪستان جو آواز ۽ پاڪستانيت جي علامت آهي، ريڊيي معاش??ي ۾ اعتدال پسند روين جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ريڊيو جي ڪردار ۾ گهٽتائي سان معاش??ي ۾ انتهاپسد رويا وڌيا. اها ڳالهه هن ريڊيو ??اڪستان جي اهتمام هيٺ پاڪستان قائم ٿيڻ ۽ ريڊيو ??اڪستان جي ڊائمنڊ ??وب??ي جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪئي. تقريب ۾ ريڊيو ??اڪستان جي سينيئر فنڪارن، صداڪارن، ليکڪن، شاعرن، موسيقارن ۽ ٻين شعبن س??ن تعلق رکندڙ ماڻهن کي خاص طور تي گهرايو ??يو ??و. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ريڊيو ??اڪستان جا سينيئر آرٽس اسان جو اثاثو آهن، اسان کي انهن جي هنر ۽ صلاحيتن مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته سينيئر آرٽسٽن کانسواءِ اسان جون ڊائمنڊ ??وب??ي تقريبون مڪمل نه ٿيون ٿين. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير مختلف ڪيٽيٽگريز ۾ چونڊجندڙ ماڻهن ۾ ايوارڊ پڻ ورهايا. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيئر آرٽسن س??ن گڏجي پاڪستان جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ريڊيو ??اڪستان تي هلندڙ قومي ترانن، قومي نغمن جون جهلڪيون ۽ خصوصي پرفارمنس پڻ پيش ڪيون ويون. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي ريڊيو ??اڪستان جي انتظاميا ۽ سينيئر آرٽسٽن کي پاڪستان جي سالگرهه جي مبارڪباد ڏني. تقريب ۾ ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو سهيل علي خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.