اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني ڪشميري تحريڪ آزا??يء?? جي علامت هو جنهن هميشه اهو نعرو بلند ڪيو ته اسان پا??ست??ني آهيون ۽ پا??ست??ن اسان جو آهيو. هي نعرو هاڻي دنيا جي هر حصي ۾ گونججي رهيو آهي. اهڙو اظهار هن ناليواري حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي کيس خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ رٿيل هڪ تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. جنهن جو اهتمام ريڊيو پا??ست??ن ۽ يوٿ فورم براءِ ڪشمير ڪيو هو. تقريب ۾ خاص مهما?? جي حيثيت سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ڪشميري عوام گڏيل قوم?? جي قراردادن مطابق ڪشمير تڪرار حل ٿيڻ گهرجي ۽ سيد علي گيلاني جي جدوجهد کي اصل خراجِ عقيدت اهو آهي ته اسان ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هلندڙ آزا??يء?? واري تحريڪ لاءِ آواز بلند ڪندا رهون. ڀارت طرفان ڪشميرين تي ٿيل ظلم دنيا آڏو واضح ڪندا رهون. هن چيو ته ڀارت 1947ع کان 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني عمل ۽ قدم خاص طور تي ظلم ۽ ستم ڪري رهيو آهي. ان کي پا??ست??ن اڳ ۾ به بي نقاب ڪندو آيو آهي ۽ آئينده پڻ هر فورم تي ڪشميري عوا?? جي ترجمان جاري رکندو. وفاقي وزير گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل تي زور ڀريو ته هو ان غير معمولي تڪرار جي حل لاءِ ٺوس قدم کڻن.