اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مُون سيڪا سربراهي اجلاس کي خطاب ۾ واضح ڪيو آهي ته ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي لڪائڻ جي لاءِ ڪهڙي طرح جمهوريت جي آڙ وٺي رهيو آهي جيڪو ڪشمير جي دهشت سٽيل واديءَ بيلٽ بدران بلٽ جي ڀارت?? پاليسي جو واضح ثبوت آهي، عالمي برادري غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته دنيا کي ظالماڻي نوعيت جي ڀارت?? پاليسين کي تسليم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سربراهي اجلاس ۾ پ??هنجي خطاب جي شروع ۾ مون پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ صحت ۽ خوراڪ جي چئلينجن جي حوالي سان آگاهه ڪيو جنهن جي لاءِ عالمي شموليت جي ضرورت آهي. هن چيو ته انساني يڪجهتي ماحولياتي تبديلي جي چئلينج تي ضابطو آڻ?? ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.