گڏيل قومون – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته گ??يل قومن ۾ ان جي مشن جو بنيادي مقصد بين الاقوامي طور تي تسلم ڪيل تڪراري علائقي ڄمون ڪشمير جي ماڻهن کي حق خوداراديت جو تحفظ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏيل قومن جي سالگره جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ عالمي اداري جي مختلف فورمن تي پنهنجي ملڪ جي فعال ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنر?? جي ان بيان جي آجيان ڪري ٿو جنهن ۾ هن چيو هو ته تڪراري ڪشمير کي گڏيل قومن جي چ??رٽر ۽ سلامتي ڪائونس?? جي قراردادن جي بنياد تي حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گ??يل قومن جي چ??رٽر ۽ ق??اردادن ۾ چيو ويو آهي ته رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي فيصلو ڪشميري عوام گڏيل قومن جي نگراني ۾ آزادانه ۽ منصفانه راءِ جي ذريعي پنهنجي حق خوداراديت کي استعمال ڪري ڪندا.