مصر – 09 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري ۽ فرانس جي پرڏيهي وزير ڪيٿرين ڪولونا ??ي وچ ۾ مصر ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت گڏيل لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ??باني کر پڻ ان موقعي تي موجود هئي. پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري ف??انس پاران پاڪستان ??ي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد تي پرڏيهي وزير ڪيٿرين ڪولونا ??ا ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ فرانس جي پرڏيهي وزيرن موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو. بل??ول ڀٽو زرداري ف??انس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون جي موسمياتي تبديلين سان مقابلي جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي ف??انسيسي پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلين سان مقابلي جي لاءِ پاڪستان ??ي عالمي امداد جي حوالي سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.