اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا وزيراعظم هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جنرل نديم رضا جي وطن جي دفاع کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فوج جي اداري لاءِ خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جنرل نديم رضا سا?? ڳالهه ??ول??ه ڪندي چيو ته توهان جي خدمتن تي فخر آهي، توهان جهڙي باوقار ۽ باصلاحيت آفيسر جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي عهدي تي انتهائي شاندار خدمت??ن سرانجام ڏنيون. وزيراعظم شهباز شريف جنرل نديم رضا جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.