اسلام آباد- 05 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ??رقي، ??ڌارن ۽ خصوصي قدمن واري و??اق?? وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ٻوڏ جي آفت کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سڄو ملڪ گڏ ٿيو آهي، ??مورا ادارا، سول سوسائٽي ۽ حڪومت گڏجي ڀرپور ڪم ڪيو آهي، ٿڌ جي موسم کي نظر ۾ رکندي ٻوڏ متاثرن کي اڃا به امداد جي ضرورت آهي، ??ڪومت ۽ قوم گڏجي ان جذبي سان پاڪستان کي اڳتي وٺي ويندا، ٻوڏ کي مُنهن ڏيڻ ۾ اين ايف آر سي سي جو ڪردار مثالي رهيو آهي. نيشنل فلڊ رسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي پڄاڻيءَ واري سيشن کي خطاب ڪندي و??اق?? وزير جو چوڻ هو ته ٻوڏ کان 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي، محنت ۽ پنهنجي وسيلن جو استعمال ڪندي نقصانن جو ازالو پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن ۾ پاڪ فوج سميت سمورا فورسز ۽ و??اق?? ۽ صوبائي حڪومتن مثالي ڪم ڪيو. ٻوڏ کانپوءِ ريسڪيو ۽ رليف بحاليءَ جي سرگرمين کي بن?? رڪاوٽ جاري رکڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ سڄي قوم طرفان اين ايف آر سي سي جي پوري ٽيم کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته حڪومت موسمياتي تبديليءَ جي مستقبل جي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي گهڻ رُخي حڪمت عملي بڻائي آهي جنهن کي ڊونرز ڪانفرنس ۾ عالمي برداريءَ آڏو پيش ڪنداسين. ٿڌ جي موسم ۾ ٻوڏ متاثرن کي اسان جي امداد جي ضرورت آهي، ??رنديءَ وارا ماڻهو ۽ ادارا پنهنجو ڀرپور ڪردار جاري رکن. نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال سيشن کي پنهنجي خطاب ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اقبال جي لاڳيتي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اين ايف آر سي سي جي جهنڊي هيٺا?? سمورا قومي ادارا، و??اق?? ۽ صوبائي حڪومتون ۽ عالمي امدادي ادارا ٻوڏ کانپوءِ بحالي لاءِ ڀرپور تعاون ڪيو جنهن تي سندن شڪرگذار آهيون.