اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان جي علائقي انگور اڏا ۽ ضلعي ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي برگيڊيئر مصطفيٰ ڪمال برڪي، حوالدار محمد اظهر ??قبال، نائيڪ محمد اسد ۽ سپاهي مح??د عيسيٰ کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪي??. و??يراعظم چيو ته دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪريان ٿو، پوري قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي.