اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سميت پوري مسلمان امت کي رمضان جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الحمدالله رمضان مهيني جي سعادتون ۽ برڪتون هڪ ڀيرو ٻيهر اسان کي مليون آهن، رمضان مهيني ۾ مسلمان امت ۽ پ??ڪستان جي بهتري لاءِ خ??وصي دعائون ڪريو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم رمضان المبارڪ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته رمضان الله ڪريم جي رحمتن ۽ برڪتن جو خصوصي مهينو آهي. وزيراعظم الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته پاڪستان کي معاشي مشڪلاتن، غربت ?? مهانگائي ڇوٽڪارو عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي آڏو پاڪستان جي خوشحالي ۽ سربلندي، دهشتگردي کان ڇوٽڪاري جي خصوصي دعا ڪريو، اجتماعي مغفرت، انسانيت جي بهتري ۽ آفتن کان بچاءُ جي لاءِ خ??وصي دعا جي اپيل ڪئي آهي، الله تعال??ٰ هن مبارڪ مهيني کي اسان جي اجتماعي بخشش، انسانيت جي بهتري جو ذريعو بڻائي.