لاهور – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور ۽ قصور ۾ مفت اٽي جي ورڇ جي مختلف جاين جو اوچتو دورو ڪيو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته رمضان الم??ار?? ۾ اٽي جي ورڇ دوران ڪنهن به شهري کي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي، بزرگ، معذور ۽ ڪمزور ماڻهن جو خاص خيال رکيو وڃي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عورتن ۽ مرد شهرين کان مفت اٽي جي فراهمي ۾ مشڪلات?? بابت پڇيو. وزيراعظم اٽي جي معيار ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مشڪلات?? بابت پڻ شهرين جي راءِ معلوم ڪئي. وزيراعظم شهرين جي راءِ جي روشني ۾ عملدارن کي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهرين جي لاءِ انتظارگاهه جو پڻ دورو ڪ??و، انتظام ڏٺا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رمضان الم??ار?? ۾ ڪنهن به شهري کي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي، بزرگ، معذور ۽ ڪمزور ماڻهن جو خاص خيال رکيو وڃي، بزرگ عورتن ۽ ٻارن سان گڏ ايندڙ عورتن جي لاءِ پڻ بهترين انتظام يقيني بڻايا وڃن. وزيراعظم چيو ته ان خير جي ڪم کي سرڪاري ڊيوٽي نه خدائي ڊيوٽي سمجهي سرانجام ڏ??و، رمضان الم??ار?? ۾ خدا جي مخلوق جي خدمت ڪري الله تعاليٰ کي راضي ڪريو. وزيراعظم مفت اٽي سينٽر ۾ آيل ٻارن سان پڻ مل??و، ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. وزيراعظم شهرين ۾ مفت اٽي جا ٿيلها پڻ ورهايا. وزيراعظم فوڊ سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري پنجاب، ڊپٽي ڪمشنرز کي بهتر انتظامن تي شاباس ڏني ۽ وزيراعظم انتظاميا ۽ عملي جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو.