اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ڳاله??ن جي ڪاميابي جي اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته چونڊون بهرحال ٿيڻيون ئي آهن، چونڊون نه ٿيڻ جو ڪو ٺوس جواز نه آهي، پاڪ فوج پاران هڪ ڀيرو ٻيه?? چيو ويو آهي ته فوج غيرسياسي ادارو آهي، عوام پاڻ رستن تي نه ٿي اچي پر سياستدان آئ??ن جي تحفظ جي لا??ِ انهن کي متحرڪ ڪن ٿا. هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئين کان ڪنهن به صورت ۾ انحراف نه ٿيڻ گهرجي، اهو چيو پيو وڃي ته چون??ن جي لا??ِ پئسا نه آهن پر ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي. هن چ??و ته ملڪ جي اندر حالتون خراب نه آهن ۽ نه ئي جنگ ٿي رهي آهي جو چونڊون نه ٿي سگهن، ان حوالي سان ڪو جواز قبول نه ٿو ڪري سگهجي. هن چ??و ته آمريڪا ۾ گهرو ويڙهه دوران به وقت تي چونڊون ڪرايون ويون اهو طرزعمل جمهوري قدرن کي وڌيڪ سگهه ڏي ٿو. جمهوريت تڏهن مضبوط ٿيندي جڏهن اصولن تي ڪاربند رهيو وڃي. هن چ??و ته هو گذريل 10، 15 سالن کان شفاف چون??ن جي لا??ِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ جي حمايت ڪري رهيو آهي پر ان ڏس ۾ لاڳاپيل فورم پاران سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو ويو انهي جي ڪري هر اليڪشن کانپوءِ ڌانڌلي جا آواز اٿن ٿا. هن چ??و ته جيڪي قومون دنيا سان گڏ هلڻ جي لا??ِ تيار نه آهن ۽ پنهنجا مسئلا حل حل نه ٿيون ڪري سگهن اهي ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي وڃن ٿيون. هن چ??و ته 250 کان وڌيڪ بل مون وٽ موڪليا ويا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ بل سميت ڪجهه بلن تي مون کي خدشا هئا جيڪي منظوري کانسواءِ واپس موڪلي ڇڏيا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ مديني جي رياست ته نه ٺهي سگهي پر رخ جو تعين ٿيڻ به اهم هوندو آهي. هن چ??و ته منهنجي ۽ پي ٽي آءِ جي سوچ هڪ آهي پر ان بنياد تي مون هن عهدي جي تضحيڪ ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏني آهي.