اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ??ه عمران خا?? سدائين عدليه جي توهين ڪئي، ڪڏهن به قانون جي پاسداري نه ڪئي، هو سمجهي ٿو ته ڪ??ر ان کان پڇي نه ٿو سگهي، عمران خا?? جي گرفتاري قانون موجب هئي، ان سان عام شهري جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي. ”اسڪائي نيوز“ کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خا?? تي ڪرپشن جا الزام هئا، ان جي گرفتاري سان حڪومت جو ڪو تعلق نه آهي، اها گرفتاري نيب جي ۽ قانون موجب هئي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان سياسي انتقام تي يقين نه ٿا رکون، عمران خا?? کي گرفتار يا خا??وش ڪرڻو هجي ها ته اسان 14 مهينا انتظار نه ڪريون ها. عمران خا?? جي نااهلي بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان عمران خا?? کي نااهل ڇو ڪرائڻ چاهينداسين؟ ڪا به جمهوري حڪومت ائين ڇو ڪندي؟ البته عمران خا?? پنهنجي دور ۾ سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو، جيلن ۾ وڌو ۽ انهن جو آواز بند ڪرڻ ج?? ڪوشش ڪئي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عدالتي حڪم جاري ٿيڻ کانپوءِ اهو ان جو آئيني حق آهي ??ه هو ان آرڊر جو جائزو وٺي يا ان تي ڳالهه ڪري. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل ٽن ڏينهن دوران ڪو پرامن شهري رستن تي نه هو، رڳو هٿياربند جٿا ۽ دهشتگرد موجود هئا جن رياستي ۽ عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچايو.