اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ پا?? فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ جيو اسٽريٽجڪ ماحول ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. پا?? فضائيه جي ترجمان موجب ايئر چيف معزز مهمان کي پا?? فضائيه کي جديد بڻائڻ ۽ مقامي صلاحيتن جي فروغ لاءِ جاري مختلف منصوبن بابت آگاهه ڪيو. پا?? فضائيه جي سربراهه پرڏيهي وزير کي پا?? فضائيه جي نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ پراجيڪٽ بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان ميگا پراجيڪٽ جو مقصد ايوي ايشن، آءِ ٽي، سائبر ۽ ڪمپيو??نگ جي شعبن ۾ گڏيل تحقيق ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي ته جيئن پاڪستان جي لاءِ سماجي، اقتصادي، ٽيڪنيڪي ۽ سائنسي فائدن کي يقيني بڻائي سگهجي. پرڏيهي وزير پا?? فضائيه جي اهلڪارن جي بي مثال پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان حڪومت پا?? فضائيه کي جديد رخن تي قائم ڪر?? جي لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي ته جيئن ملڪ جي فتح نه ٿيڻ جوڳي فضائي دفاع کي يقيني بڻائي سگهجي. پا?? فضائيه جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته قوم پا?? فضائيه جي سمورن شهيدن جي ٿورائتي آهي جن دشمن جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻائ?? جي لاءِ بهادري سان وڙهندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن پا?? فضائيه جي قيادت پاران تربيتي شعبي ۾ ڪيل سڌارن کي پڻ ساراهيو جن سان هڪ هنرمند افرادي قوت پيدا ڪري سگهبي جيڪا ايوي انڊسٽري جي تبديل ٿيندڙ رجحانن ۽ قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏي?? جي صلاحيت رکندي هجي.