اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان اڄ 200 ڀارتي مهاڻن ۽ 3 سويلين قيدين کي آز??د ڪندو. هڪ ٽوئيٽ ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ان کان اڳ 198 ڀارتي مهاڻن کي هن سال 12 مئي تي وطن واپس موڪ??يو ويو هو. هن چيو ته اهو قدم پاڪستان جي انساني همدردي جي معاملن تي سياست نه ڪرڻ جي پاليسي موجب آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي همدرديءَ کي سياست تي ترجيح ڏيڻ گهرجي.