اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ترقياتي منصوبن ۽ مسئلن جي حل جي حوالي سان بلوچستا?? عوامي پارٽي جا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي ق??ئم ڪري ڇڏي، ان موقعي تي بي اي پي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ۽ حڪومت جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستا?? عوامي پارٽي جي وفد سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستا?? عوامي پارٽي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ۽ حڪومت جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ترقياتي منصوبن ۽ مسئلن جي حل جي حوالي سان بلوچستا?? عوامي پارٽي جا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي ق??ئم ڪري ڇڏي. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، خالد حسين مگسي، مولانا غفور حيدري، آغا حسن بلوچ، اسحاق ڊار، احسن اقبال، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اعظم نذير تارڙ ۽ منظور ڪاڪڙ ڪميٽي ??ا ميمبر هوندا، ڪميٽي ايندڙ هفتي تفصيلي مشاورت کانپوءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بلوچستا?? عوامي پارٽي حڪومت جي اهم اتحادي آهي جنهن حڪومت جي هر فيصلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آهي. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي، بلوچستا?? عوامي پارٽي سان مشاورت ۽ انهن جي راءِ کانسواءِ ممڪن نه آهي. سينيٽ چيئرمين بلوچستان جي ترقي لاءِ وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي ۽ خصوصي ق??من تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، قومي اسيمبلي ميمبر ۽ بلوچستا?? عوامي پارٽي جي پارلياماني ليڊر خالد حسين مگسي ?? سينيٽر نصيب الله بازئي پڻ شرڪت ڪئي.