اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف زوب گيريزن ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ سيڪيورٽ?? فورسز جي 4 جوانن جي شه??دت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شهيد قوم جو فخر آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم ??يو ته شهيد اسان جي قوم جو فخر آهن، سيڪيورٽي اهلڪارن پنهنجي جان نڇاور ڪري ملڪ کي تمام وڏي جاني نقصان کان بچايو، پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي.