اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف سان چين جي صدر شي جن پنگ جي خصوصي نمائندي، چين جي نائب ??زيراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي سينٽرل ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر هي لي فينگ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي ڪيترن ئي رخن، بشمول پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ۽ ٻطرفي ا??تصادي ۽ مالياتي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چين جي نائب ??زيراعظم هي لي فينگ جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو. وزيراعظم هي لي فينگ کي مارچ ۾ چين جي نائب ??زيراعظم جي عهدي تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان ۾ 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ پاڪستان کي درپيش موجوده معاشي چئلينجز خاص طور تي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جهڙن مشڪل وقتن ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو. چين جي نائب ??زيراعظم هي لي فينگ پاڪستان ۽ چين جي اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ دوستي ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري ۾ توسيع تي زور ڏنو. هن پاڪستان جي معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۾ چين جي مستقل تعاون جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي پاڪستان ۽ چين جي گڏيل معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مرڪزيت تي زور ڏنو. وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي 10 سالا سالگرهه ان منصوبي کي نئين سر توسيع ڏيڻ جو هڪ سنهري موقعو آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چين کي زرعي روانگي واپار وڌائڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپي کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ زرعي، صنعتي ۽ مواصلاتي سميت ٻين شعبن ۾ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن علائقائي مسئلن ۽ پنهنجي قومي مفادن جي تحفظ تي هڪ ٻئي جي حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چيني نائب ??زيراعظم هي لي فينگ جي مان ۾ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ڪيو. چيني وفد ۾ چيني اسٽيٽ ڪائونسل جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل گووي، چيني نائب ??رڏيهي وزير سن وي ڊونگ، نائب چيئرمين نيشنل ڊيولپمينٽ اينڊ ريفارم ڪميشن ڪونگ ليانگ، پيپلز بئنڪ آف چائنا جي ڊپٽي گورن?? زوان چينگنينگ ۽ وانگ ڪيبنگ، چيني واپار واري وزارت جي ا??شيائي معاملن واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل وانگ ليپنگ، پاڪستان ۾ چين جي سفارتخاني جي چارج ڊي ا??يئرز پانگ چنشوئي ۽ ٻيا اعليٰ چيني آفيسر شامل هئا. پاڪستاني وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، ناڻي وارو وفاقي وزير ??حم?? اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ مختلف وزارتن مان ٻيا اعليٰ آفيسر شامل هئا.