اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪڻڪ (اٽو) بنيادي ضرورت آهي، ان حوالي سان عوام کي ڪنهن به قسم جي کوٽ کي منهن ڏيڻو نه پوي، ملڪي ضرورتن موجب ڪڻڪ پوري ڪرڻ کي يق??ني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن ??دم کنيا وڃن، ذخي??ه اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري جي روڪٿام تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. هو ملڪ ۾ ڪڻڪ جي صورتحال، ملڪي ضرورتن، موجوده اسٽاڪ ۽ مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان ح??مت عملي بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.