ڊيره غازي خان – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ضروري دوائن جي ملڪ ۾ آساني سان دستيابي ۽ عوام کي مناسب قيمت تي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ڊرگ ريگيوليٽري اٿ??رٽ?? کي مڪمل طور تي متحرڪ ۽ فعال بڻائڻ جي ڪوششن کي تيز ڪيو وڃي، افرادي قوت کي ترجيحي بنيادن تي پورو ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن ڊيره غازي خان ۾ سينٽرل ڪنٽرول روم ۾ ايران مان آيل زائرين جي لاءِ قر??طينه ۾ ڪيل ا??تظامن ۽ قر??طينه مرڪز ۾ زائرين کان انهن جي خيريت معلوم ڪرڻ کانپوءِ پنجاب صوبي ۾ ڪرونا وائرس جي صورتح??ل جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.