اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته سپ??يم ڪورٽ جو تمام اهم فيصلو آيو آهي، حڪومت ان فيصلي مان مطئمن آهي. اهو بهتر فيصلو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? سينيٽر شبلي فراز سان گڏ نيوز ڪانفرنس ??ي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? سينيٽر شبلي فراز چيو ته سپ??يم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ حڪومتي موقف بابت آگاهه ڪري رهيا آهيون، احتساب واري خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته سپ??يم ڪورٽ جو تمام اهم فيصلو آيو آهي، آرٽيڪل 9 تحت ٽن طريقن سان ڪنهن جج بابت سوال اٿا??ي سگهجي ٿو، پهريون طريقو ڪو به شخص سپ??يم جڊيشل ڪائونسل کي معلومات ڏئي سگهي ٿو. ٻيو طريقو حڪومت پاران صدر ريفرنس موڪلي سگهي ٿو. ٽيون طريقو سپ??يم جڊيشل ڪائونسل پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي.