اسلام آ??اد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آمريڪا طالبان معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قيدين جي آزادي جي فيصلي کي ساراهيندي چي?? آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۽ پاڪستان جي م??اد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي سفير شڪرالله عاطف مشعل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر سان الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر پاران جار?? بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي افغان سفير سان ڳالهائيندي چي?? ته پاڪستان افغانستان سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرف لاڳاپن کي گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم عمران خان سمورن پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستا?? مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چي?? ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۽ پاڪستان جي م??اد ۾ آهي. صدر چي?? ته پرامن ۽ خوشحال افغانستان کانسواءِ علائقائي ترقي ۽ واپار ممڪن نه آهي. صدر آمريڪا طالبان معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قيدين جي آزادي جي فيصلي کي ساراهيو.